ڪرتار سنگهه عرش

ڪرتار سنگهه عرش: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو پنجابي ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو ڪندڙ ڪرتار سنگهه عرش سکر ۾ ڄائو. هن 1917ع ڌاري سکر مان منشي فاضل جو امتحان پاس ڪيو، جتي هن صوفي درويشن سرمد شھيد، عمر خيام، ابو سعيد ابو الخير ۽ ٻين فارسي شاعرن جي ڪلام جو مطالعو ڪيو. هي سرمد شھيد جي رباعين کان گهڻو متاثر ٿيو. سندس والد سکر ريلوي ورڪشاپ ۾ ملازم هو، جنھن کي آل انڊيا ريلوي هڙتال ۾ شامل ٿيڻ سبب انگريزن جبري رٽائرڊ ڪيو. اُن کانپوءِ ڪرتار سنگهه پنھنجي والد سان گڏ پنھنجي اباڻي شھر جالنڌر لڏي ويو. جتي هن 1926ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. هن جنگ آزاديءَ ۾ انگريزن خلاف ويڙهه ۾ حصو ورتو، جنھن جو تفصيل هن پنھنجي ڪتاب ’مٽ رهيان پيڙان‘ ۾ ڪيو آهي. جالنڌر جي هڪ پنجابي رسالي ’پريت لڙي‘ ۾ سبط الحسن ضيغم جو مضمون پڙهڻ کانپوءِ ڪرتار سنگهه کي شاهه لطيف جي رسالي جي ترجمي جو شوق ٿيو، جنھن کانپوءِ هن شاهه لطيف تي تحقيق سان گڏ سنڌي ادب جو مطالعو ڪندي، دهلي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي جي رهنمائيءَ هيٺ شاهه لطيف جي رسالي جو منظوم پنجابي ترجمو چئن سالن ۾ مڪمل ڪيو، جنھن تي نظرثاني ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي ۽ اهو منظوم ترجمو ’شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز‘ پاران 1996ع ۾شايع ٿيو. پنجابي ٻوليءَ ۾ ڪنھن به ٻي ٻوليءَ جي صوفي شاعر جي ڪلام جو هي پھريون منظوم ترجمو آهي.


لفظ ڪرتار سنگهه عرشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو